اسلام آباد-06 سيپٽمبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي ته شهيدن جي قربانين جي ڪري ئي پاڪستان جو وجود آهي. اهڙن جو اظهار هن دفاع جي ڏهاڙي جي موقعي تي راولپنڊي ۾ شهيد حوالدار محمد منير عباسي ۽ سپاهي هارون وليم جي گهر س??دن خاندانن کي خراجِ عقيدت پ??ش ڪندي ڪيو. ان موقعي تي واپار واري وفاقي وزير چيو ته شهيدن پنهنجين جانين جو نذرانو پ??ش ڪري ملڪ جو دفاع ڪيو. هن چيو ته قوم حوالدار محمد منير عباسي ۽ ٻين شهيدن جي جرئت کي سلام پ??ش ڪري ٿي جن پنهنجي قيمتن جانين جو نذرانو پ??ش ڪيو. ڄام ڪمال خان شهيد حوالدار محمد منير عباسي جي ٻارن کي س??دن تعليم موجب سرڪاري نوڪري ڏيڻ جون هدايتون جاري ڪيون. هن چيو ته حوالدار محمد منير عباسي شهيد جي ٻارن کي حڪومت گهر الاٽ ڪيو آهي ۽ جنهن س??ڪاري ڪوارٽر ۾ هي پهرين رهندا هئا ان ۾ ئي کين رهڻ جي اجازت ڏني وئي آهي ته جيئن هو پنهنجي ڪوارٽر ويجهو آرمي پبلڪ اسڪول ۾ تعليم جاري رکي سگهن. حوالدار منير عباسي 6 آگسٽ 2015ع تي دريابي واري هنڌ تي هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهيد ٿيو، سندس هڪ پُٽ ۽ 3 نياڻيون آهن جيڪي پنهنجي پڦين س??ن هڪ سرڪاري ڪوارٽر ۾ رهن ٿيون.جڏهن ته سپاهي هارون وليم جي رهائشگاهه تي شهيد کي خراجِ تحسين پ??ش ڪندي وفاقي وزير چيو ته اسان جيڪي پارليامينٽ ۾ وڏن وڏن عهدن تي ويٺل آهيون اسان جي ذميداري آهي ته اسان پنهنجي شهيدن جي قربانين جو احساس ڪريون ۽ س??دن پونئيرن جي زندگين ۾ آساني پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون. سپاهي هارون وليم ويجهڙ ۾ ئي 21 جون تي ميران شاهه ۾ شهيد ٿي ويو جنهن جي هاڻ شادي ٿي هئي ۽ سندس عمر 29 سال هئي. وفاقي وزير شهيد جي ڪٽنب سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو ۽ شهيد جي وارثن کي هر قسم جي حڪومتي تعاون جي خاطري ڪرائي. ڄام ڪمال خان سپاهي هارون وليم جي والد ۽ ڀاءُ سان به ملاقات ڪئي.
وفاقي وزير ڄام ڪمال خان پاران شهيد حوالدار محمد منير عباسي ۽ سپاهي هارون وليم کي خراجِ تحسين پيش
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی گائیڈ