اشڪ آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان ترڪيه جي پارليامينٽ جي اسپيڪر نعمان قرطولمس ترڪمانستان جي دوري دوران عالمي فورم ”وقت ۽ تهذين جو گڏيل تعلق: امن ۽ ترقي جو بنياد“ جي موقعي تي ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پري?? ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز احمد بگٽي پڻ موجود هئا. صدر پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ريل رابطا بهتر بڻائڻ جي ضرورت ت?? زور ڏيندي چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي تعاون، عوامي رابطن کي فروغ ڏيڻو پوندو. هن ٻنهي ڀائر ملڪن کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ جي لاءِ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۽ وفدن جي مٽاسٽا ت?? زور ڏنو ۽ چيو ته ترڪيه پاڪستان ۽ مسلمان دنيا جو عظيم ۽ مخلص دوست آهي. صدر چيو ته ترڪيه مسلمان امت کي درپيش مسئلن تي اصولي موقف اختيار ڪري ٿو ۽ ناانصافي جي خلاف آواز اٿاريندو آيو آهي. ملاقات ۾ فلسطين ۽ لبنان جي سنگين انساني صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ??يو. ملاقات ۾ مسلمان امت کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مسلمان دنيا پاران مخلصاڻي ?? سنجيده ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ويو. صدر چيو ته ترڪيه هڪ اقتصادي طاقت بڻجڻ جي رستي تي گامزن آهي. هن ان موقعي تي ترڪيه جي ڪاميابي ۽ خوشحالي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
صدر آصف علي زرداري سان ترڪيه جي پارليامينٽ جي اسپيڪر سان مُلاقات
مضمون کا ماخذ : جیتنے والی لاٹری