اسلام آباد- 22 نومبر (اي پي پي) ملڪ مان چانورن جي روانگي واپار ۾ جاري مالي سال جي پھرين 4 مھينن ۾ ساليانو بنياد تي نمايان اضافو رڪارڊ ٿيو آھي. اسٽيٽ بئنڪ ۽ شماريات واري اداري جي انگن اکرن مطابق مالي سال جي پھرين 4 مھينن ۾ چانور جي روانگي واپار ۾ ملڪ کي 902.020 ملين ڊ??لر جو ناڻو حاصل ٿيو جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳي عرصي جي ڀيٽ ۾ 33.68 سيڪڙو کان وڌيڪ آ??ي، گذريل مالي سال جي ساڳي عرصي ۾ چانور جي روانگي واپار سبب ملڪ کي 674.72 ملين ڊ??لر جو ناڻو حاصل ٿي ھو. 2024ع ۾ چانور جي روانگي واپار جو ڳاڻيٽو 268.81 ملين ڊ??لر رڪارڊ ٿيو جيڪو سيپٽمبر ۾ 197.20 ملين ڊ??لر ۽ گذريل سال آڪٽوبر ۾ 256.85 ميلن ڊ??لر ھو. مالي سال 2024ع ۾ چانور جي روانگي واپار جو مجموعي ڳاڻيٽو 3.687 ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو ھو. انگن اکرن موجب جاري مالي سال جي پھرين 4 مھينن ۾ باسمتي چانور جي روانگي واپار سبب ملڪ کي 294.58 ملين ڊ??لر جو ناڻو حاصل ٿيو جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳي عرصي جي 259.81 ملين ڊ??لر جي ڀيٽ ۾ 13.65 سيڪڙو وڌيڪ آ??ي. اھڙي طرح نان باسمتي چانور جي روانگي واپار جو ڳاڻيٽو 607.44 ملين ڊ??لر رڪارڊ ٿيو جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳي عرصي جي ڀيٽ ۾ 6.17 سيڪڙو کان وڌيڪ آ??ي. گذريل مالي سال جي ساڳي عرصي ۾ نان باسمتي چانور جي روانگي واپار جو ڳاڻيٽ?? 415.54 ڊالر رڪارڊ ٿيو ھو. واضح رھي ته جاري مالي سال جي پھرين چان مھينن ۾ کاڌي جي شين جي روانگي واپار جو مجموعي ڳاڻيٽو 2.157 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو.
چانور جي روانگي واپار ۾ جاري مالي سال جي پھرين چار مھينن ۾ ساليانو بنياد تي نمايان اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي: اسٽيٽ بئنڪ
مضمون کا ماخذ : loterias da caixa