اسلام آباد-09 جنوري (اي پي پي) پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائين (پ?? آءِ اي) يورپي سول ايوي ايشن جي ڪليئرنس جي چئن سالن کانپوءِ جمعو 10 جنوري 2025ع تي پ??رس لاءِ اڏامن جي ٻيهر شروعات ڪندي جنهن لاءِ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. پ?? آءِ اي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان موجب 4 سالن کانپوءِ انهن اڏامن جي شروعات ٿيڻ وڃي رهي آهي، قومي ايئر لائين پ?? آءِ اي اسلام آباد کان پ??رس هفتيوار 2 ڏامون جمعي ۽ آچر تي هلائيندي، ان روٽ تي اڏامن جي شروعات سان پ?? آءِ اي جي يورپ لاءِ اڏامن جي شروعات ??ي ويندي ۽ آهستي آهستي اڏامون وڌايون وينديون. پ?? آءِ اي ترجمان موجب اسلام آباد کان اڏام صبح ساڍا 11 وڳي رواني ٿيندي. پ??رس کان واپسي اڏام شام 6 وڳي ٿيندي. ترجمان ??يو ته شيڊول جي سهولت اهڙي آهي جو مسافر ناشتو پاڪستان ۾ ۽ ٻنپهرن جي ماني پ??رس ۾ کائيندا.
مضمون کا ماخذ : آن لائن اور ایپلیکیشنز