گڏيل قومون -09 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن ۾ فلسطين جي نمائندي رياض منصور اسرائيل ۽ فلسطين وچ ۾ ڇڪتاڻ ۾ واڌ بعد اولهه جي ردعمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي، ته فلسطينين تي ڪيل ظلم تي عالمي براد??ي خاموش تماشائي بڻيل آهي. دن??ا کي ٻٽو م??يا?? ختم ڪرڻو پوندو. سعودي خابرو اداري مطابق هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته اسرائيل کي دفاع جو حق ڏيڻ جي ڳالهه فلسطينين جي قتل عام جو لائسنس ڏيڻ جي برابر آهي. رياض منصور چيو ته سندس ملڪ اسرائيل کي انهن قدمن کان ڪيترائي ڀيرا خبردار ڪيو آهي، پر عالمي برادري ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي. هن چيو ته غزه ۾ جيڪي ڪجهه ٿيو اهو انهن قدمن جو نتيجو آهي ته اسرائيل کي هاڻي پنهنجو رستو تبديل ڪرڻ گه??جي. هن زور ڀريو ته اسرائيل جي غزه جي گهيراءَ سان شهرين جي ڏکيائين ۾ اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته اسرائيل کي غزه جو گهيراءُ فوري طور تي ختم ڪرڻ گه??جي ۽ قتل عام کي روڪڻ لاءِ اسان سان ڳالهائڻ گه??جي. هن چيو ته اسرائيل کان فلسطين جي عوام لاءِ عالمي تحفظ ڪٿي آهي؟ رياض منصور چيو ته جڏهن مظلوم فلسطيني آهن پوءِ عالمي براد??ي خاموش آهي، اسان انسان ناهيون جو اسان جي قتل جي اجازت ڏني وڃي ۽ اسرائيلين جي قتل تي اعتراض ڪيو وڃي.
اسرائيل کي دفاع جو حق ڏيڻ فلسطينين جي قتل عام جو لائسنس ڏيڻ جي برابر آهي: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے سستے ٹکٹ