پيرس_28 ڊسمبر(اي پي پي) فرانس جي صدر ايما نويل ميڪرون اسرائيلي وزيراعظم بنجمن نيتن ي??هو سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ غزه ۾ وڏي تعداد ۾ عام شهرين جي موت ۽ انساني هنگامي صورتحال تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪيو، فرانس جي صدارتي محل مان جاري ڪيل بيان موجب اسرائيلي وزيراعظم سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه دوران ايما نويل ميڪرو?? فلسطيني شهرين جي تحفظ لاءِ اسرائيل جي ذميواري،غزه جي ماڻهن کي امداد پهچائڻ جي فوري ضرورت ۽ علائقائي ۽ عالمي شراڪت دران پاران دير پا جنگ لاءِ ڪم ڪرڻ جي اهميت تي زور ڀريو، فرانس جي صدر چ??و ته ان مقصد لاءِ انهن جو ملڪ ايندڙ ڏينهن ۾ اردن سان گڏجي غزه ۾ انساني همدردي جي بنياد تي امدادي سرگرميون شروع ڪندو، هن اسرائيل تي زور ڀريو ته هو اولهه ڪناري ۾ فلسطيني شهرين خلاف يهودي آبادڪارن جي تشدد ک?? روڪڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کڻي ۽ ڪنهن به يهودي وسندي جي تعمير جي نئين منصوبي تي عمل در آمد نه ڪر?? ڇاڪاڻ ته اهڙا قدم فلسطين جي مسئلي جي ٻه رياستي حل لاءِ خطرو آهن.
فرانس جي صدر جو اسرائيلي وزيراعظم کي ٽيليفون، غزه ۾ وڏي تعداد ۾ عام شهرين جي موت تي ڳڻتي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : ایشیا ڈریگن