پيرس-06 نومبر (اي پي پي) فرانس ۾ 7 خاندانن ٻارن کي نقصانڪار مواد سبب متاثر ڪرڻ جي ڏوهه ۾ چيني سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽڪ ٽاڪ تي ڪيس داخل ڪيو آهي. اي ايف پي موجب فرانسيسي خاندانن سوشل ميڊيا پليٽ فورم خلاف عدالت جو رخ ڪيو آهي. انهن خاندانن جو چوڻ آهي ته سڄي دنيا ۾ اٽڪل 1.6 ارب صارفين وارو اهو پليٽ فارم ٻارن کي اهڙو مواد فراهم ڪري ٿو جيڪو انهن کي نقصان پهچائيندڙ، آ??گهات ڪرڻ ۽ کاڌي پيتي جي عادتن ۾ خرابين طرف راغب ڪري ٿو انهن ۾ اهڙا خاند??ن به شامل آهن جن جي نياڻين آپگهات ڪيو ۽ 4 اهڙا خاند??ن به آهن جن جو چوڻ آهي ته ٻارن ٽڪ ٽاڪ جي مواد جي اثر هيٺ آپگهات ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سوشل ميڊيا پليٽ فارم سان شڪايت ڪندڙ هڪ ٻئي خاندان جو چوڻ آهي ته ان ايپ سبب انهن جي ٻارکي کاڌي جو مسئلو ٿي ويو آهي.
مضمون کا ماخذ : میگا جیک پاٹس: کلیوپیٹرا