اسلام آباد – 15 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف ملڪ ۾ بجلي جي پيداوار جي جاري منصوبن جي بروقت پڄاڻي ۽ آئنده جي موثر منصوبابندي تي زور ڏيندي چيو آهي ته عوام لاءِ سستي ۽ وڌيڪ بجلي جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ سان گڏو??ڏ وڌيڪ اقتصادي واڌ ويجهه ۽ صنعتي سرگرمين لاءِ بجلي جي مستقبل جي ضرورتن لاءِ مناسب ان??ظا?? ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم هائوس ۾ توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي جي اجل??س جي صدارت ڪندي هن چيو ته سندس حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪرڻ کان اڳ ۾ لوڊشيڊنگ جي خاتمي لاءِ قوم سان ڪيل پنهنجو وا??دو پورو ڪندي. هن چيو ته ڪنهن قسم جي دير جو تجزيو ۽ مقرر مدي ۾ حاصل ڪرڻ لاءِ مناسب قدم کڻڻ گهرجن.
مضمون کا ماخذ : کنگ میکر