راولپنڊي – 13 اپريل (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو ??هي ته ڏکويل انسانيت جي خدمت جي لاءِ ميڊيڪل پريڪٽيشنرز جو ڪردار وڏي اهميت وارو آهي جن کي ان مقدس پيشي ۾ بنيادي انساني قدرن کي سدائين سربلند رکڻ گهرجي. سرجن جنرل ??ي سالياني ٻن ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي صدر ممنون حسين چيو ??ه ڊاڪٽر پنهنجي لاڳاپيل پيشي ۾ بهتر انداز ۾ خدمتون سرانجام ڏين جيڪي طبي مهارت سان پوري طرح ليس هجن ۽ انهن کي ڏکويل انسانيت جي موثر خدمت جو معقول معاوضو ملڻ گهرجي. صدر چيو ??ه دنيا ۾ ڪيت??ن ئي چئلينجن جي باوجود ڊاڪٽرن جي بنيادي ڪردار ۾ ڪا تبديلي ناهي آئي جڏهن ته تازن سالن ۾ معاشي ۽ ٽيڪنالاجي شعبن ۾ تيز رفتار ترقي جي نتيجي ۾ رجحانن ۽ روين ۾ تبديلي آئي آهي جنهن سان ڊاڪٽر ۽ مريض جي تعلق تي اثر پيو ??هي.
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا اطلاق