يوڪوهاما – 06 مئي (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان مائيڪرو اڪنامڪ استحڪام ح??صل ڪري ورتو آهي ۽ هاڻي پائيدار اقتصادي واڌويجهه تي ڌيان ڏنو پيو وڃي، مائيڪرو اڪنامڪ استحڪام ح??صل ڪرڻ کانپوءِ پاڪستان هاڻي پنهنجي اقتصادي حڪمت عملي تحت وڌيڪ واڌويجهه ج?? شرح رکندڙ پائيدار اقتصادي ترقي ح??صل ڪرڻ جي لاءِ ڪوشش ڪري رهيو آهي. ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي 50 هين سالياني ۽ بورڊ آف گورنرز جي اجلاس جي موقعي تي وڌندڙ عدم برابري جي موضوع تي گول ميز م??اڪري کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسرندڙ ملڪن گذريل ٻن ڏهاڪن دوران غربت ج?? شرح ۾ گهٽتائي جي حوالي سان نمايان ڪاميابيون ح??صل ڪيون آهن، سڄي دنيا ۾ هڪ لک 24 هزار ماڻهو روزانو غربت مان نڪري رهيا آهن ۽ ايشيا ۾ بهترين اقتصادي ترقي جي ڪري غربت جي خاتمي ج?? شرح ۾ نمايان اضافو ٿي?? آهي.
مضمون کا ماخذ : بونانزا