اسلام آباد – 02 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته ملازمن جي ڀلائي انتهائي اهم آهي، ڇاڪاڻ جو ان جو اثر سڌو سنئون ادارن جي ڪارڪردگي تي پوندو آهي، سينيٽ جي چيئرمين اهڙن خيالن جو اظهار پارليامينٽ هائوس ۾ سينيٽ سيڪريٽريٽ ايمپلائيز ويلفيئر فنڊ جي ??يگ??يڪيٽو ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو، صادق سنجراڻي چيو ته ملازم ڪنهن به اداري جي لاءِ ڪرنگهي جي هڏي جو درجو رکندا آهن ۽ انهي لاءِ ضروري آهي ته انهن جي ڀلائي تي خوصي ڌيان ڏنو وڃي، سينيٽ سيڪريٽري امجد پرويز ملڪ ويلفيئر فنڊ جي مقصدن جي باري ۾ آگاهه ڪيو، ڪميٽي جي ميمبرن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اهي فنڊ انتهائي اهم آهن ۽ ان جي مالي حي??يت کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي ته جيئن ضرورتمن?? ملازم ۽ خاص طور تي گهٽ پگهار واري اسٽاف کي وڌ کان وڌ امداد فراهم ڪري سگهجي.
مضمون کا ماخذ : ہاٹ اسپن